اليڪشن ٽربيونل جي جج جو فردوس شميم جي درخواست ٻڌڻ کان انڪار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ٽربيونل جي جج پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم جي درخواست ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل جي جج ارشد حسين نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران هن پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي درخواست جي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو.

جج جي انڪار تي فردوس شميم نقويءَ جي درخواست نئين بئنچ جي روبرو پيش ڪرڻ لاءِ چيف جسٽس ڏانهن اُماڻي وئي.

ياد رهي ته فردوس شميم نقوي جا اين اي 236 تان آر او نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.