فيض آباد ڌرڻو ڪيس: انڪوائري ڪميشن شهباز شريف کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف کي فيض آباد ڌرڻو ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، فيض آباد ڌرڻو ڪميشن ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف کي 3 جنوري تي طلب ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميشن پاران شهباز شريف کي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزيرٰ جي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، ڪميشن فيض آباد ڌرڻي بابت شهباز شريف لاءِ سوالنامو به تيار ڪري ورتو آهي.

واضح رهي ته انڪوائري ڪميشن کي پنهنجي رپورٽ 22 جنوري تي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻي آهي ان کان اڳ ڪميشن اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي به طلب ڪيو هو جڏهن ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ڪميشن ۾ طلبي باوجود پيش نه ٿيو جنهن تي کيس ٻيهر نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

ٽي ايل پي فيض آباد ڌرڻي جي موقعي تي پنجاب ۾ شهباز شريف وڏو وزيرٰ هو ۽ گذريل سال نومبر ۾ نگران حڪومت فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ عدالتي فيصلي تي عمل ۽ ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.