عام چونڊون: ملڪ ۾ ڪيترا نامزدگي ڪاغذ جمع ۽ ڪيترا منظور ٿيا، تفصيل جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي سلسلي ۾ نامزدگي ڪاغذ منظور ۽ رد ڪرڻ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.

اليڪشن ڪميشن موجب، قومي اسيمبلي لاءِ ست هزار چار سئو 73 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جن مان هڪ هزار 24 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا جڏهن ته 6 هزار 449 اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن کي درخواست قرار ڏنو ويو جن ۾ هڪ هزار 94 مرد ۽ 355 عورتن جي نامزدگي ڪاغذن کي درست قرار ڏنو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب، قومي اسيمبليءَ لاءِ ست هزار 20 مرد ۽ 445 عورتن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جن مان 934 مرد ۽ 90 عورتن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چئني صوبائي اسيمبلين لاءِ 18 هزار 478 اميدوارن ڪاغذ جمع ڪرايا جن ۾ 17 هزار 670 مرد ۽ 808 عورتون شامل آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب، آر اوز پاران چئني صوبائي اسيمبلين لاءِ 2 هزار 216 ڪاغذ رد ڪيا ويا جن ۾ 2 هزار 81 مرد ۽ 131 عورتن جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا جڏهن چئني صوبائي اسيمبلين لاءِ 16 هزار 262 ڪاغذ منظور ٿيا جن ۾ 15 هزار 590 مرد ۽ 671 عورتن جا ڪاغذ منظور ڪيا ويا.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سموري ملڪ ۾ گڏيل طور 25 هزار 951 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين لاءِ مجموڳي طور تي 22 هزار 711 نامزدگي ڪاغذ  درست قرار ڏنا ويا جن ۾ 21 هزار 684 مرد ۽ هڪ هزار 27 عورت اميدوار شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.