2023ع ۾ ڪهڙيون ايپس ۽ فونز پاڪستانين جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيا؟

موجودا دور کي ٽيڪنالاجي جو دور قرار ڏنو ويندو آهي.

اهو ئي سبب آهي جو هر سال انٽرنيٽ سرچ انجڻ گوگل تي ٽيڪانالاجي جي حوالي سان مختلف شين کي سرچ ڪيو ويندو آهي.

2023ع ۾ به گوگل تي ٽيڪنالاجي بابت گھڻو ڪجهه سرچ ڪيو ويو ۽ پاڪستان به ڪنهن کان پٺتي نه رهيو.

ڪجهه ڏينهن اڳ گوگل گڏيل طور تي 8 مختلف ڪيٽيگريز ۾ پاڪستانين جي پسنديدهه سرچز جي لسٽ جاري ڪئي هئي.

ڪرڪيٽ، گيمز، تهوار، هائو ٽو، خبرون، ريسيپز، ٽي وي شوز۽ فلمون، ٽيڪنالاجي ۽ شخصيتون انهن ڪيٽيگريز ۾ شامل آهن.

گوگل پاران جاري ڪيل لسٽ مان اشارو ملي ٿو ته سمارٽ فونز، ايپس ۽ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي جهڙا موضوع 2023ع ۾ پاڪستاني انٽرنيٽ واهپيدارن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل رهيا.

ٽيڪنالاجي جي گيٽيگري ۾ سڀ کان مٿي وارو نالو حيران ڪندڙ نه آهي ڇو جو گذريل هڪ سال دوران سڄي دنيا ۾ ماڻهن کي ان پاڻ ڏي ڇڪيو آهي.

اهو نالو هٿرادو واري ٽيڪنالاجي ٻڌل چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي آهي جنهن کي نومبر 2022ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ 2023ع ۾ اهو سڄي دنيا ۾ عام ٿي ويو.

ٻي نمبر لائيو اسٽريمنگ سروس تماسا لائيو رهي.

ٽين نمبر تي پاڪستانين سڀ کان وڌيڪ انفنڪس نوٽ سمارٽ فون کي سرچ ڪيو.

ايپل جا آءِ فونز سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ ڌيان جو مرڪز رهيا ۽ پاڪستان ۾ به انهن کي گھڻو پسند ڪيو ويندو آهي.

2023ع ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪيٽيگري ۾ آءِ فون 15 جي حصي ۾ چوٿون نمبر آيو.

پنجين نمبر تي اي آر واءِ زيب ايپ رهي.

ان کان پوءِ ڇهين نمبر تي ريڊمي  نوٽ 12 ۽ ستين نمبر تي ٽيڪنو اسپارڪ 10 جهڙا سمارٽ فونز رهيا.

اٺين نمبر تي جنريٽِو اي آءِ ٽيڪنالاجي جي تياري ۾ مددگار اڊوب فلائر فلائر پروگرام رهيو.

نائين ۽ ڏهين نمبر تي ترتيبوار انفنڪس سمارٽ 7 ۽ واءِ 17 ايس سمارٽ فونز رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.