ڪراچي: پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس اهلڪار جي قتل ۽ اڳوڻي ايس پي ملير سميت ٻين شهرين تي فائرنگ جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.
ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪراچي جي علائقي ملير ۾ ڪارروائي ڪندي پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ان جي قبضي مان هٿيار به برآمد ڪيا ويا.
سي ٽي ڊي انچارج خرم وارث موجب جوابدار 13 ڊسمبر تي شرافي ڳوٺ ۾ آصف نالي پوليس اهلڪار کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته اڳوڻي ايس پي ملير سنگهار ملڪ سميت ٻين شهرين تي فائرنگ ۾ به گهربل هو.
هن ٻڌايو ته جوابدار شاهه لطيف ٽائون ۾ عورت سميت 3 ڄڻن کي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو هو، ان خلاف مختلف ڪيس داخل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.