اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر هدف کان 32 ارب رپيا وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري ورتو، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي 6 مهينن ۾ وصوليون آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل هدف کان وڌيڪ آهن.
ذريعن موجب ايف بي آر هدف کان 32 ارب رپيا وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري ورتو آهي، جولاءِ کان ڊسمبر تائين 4425 ارب رپين جي هدف جي ڀيٽ ۾ 4457 ارب رپين جو ٽيڪس وصوليون رهيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊسمبر ۾ ايف بي آر جون وصوليون 974 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ هيل تائين 972 ارب رپيا آهن ۽ جولاءِ کان نومبر دوران ايف بي آر وصوليون 3485 ارب رپيا رهيون.
ذريعن موجب هلندڙ مالي سال جي 6 مهينن ۾ وصوليون آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل هدف کان وڌيڪ آهن، هدف کان وڌيڪ وصوليون آءِ ايم ايف پروگرام لاءِ مددگار ثابت ٿينديون.
Prev Post
You might also like