سال جي آخر ۾ موٽورولا جو سستو فون متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ آمريڪي ڪمپني موٽورولا سال 2023ع جي آخر ۾ پنهنجو سستو فون متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن کي فيچرز ۽ قيمت جي حساب سان مناسب قرار ڏنو پيو وڃي.
ڪمپني موٽو جي 34 کي 5-6 انچن جي اسڪرين جڏهن ته هڪ ئي ماڊل 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري سان گڏ پيش ڪيو آهي.
فون ۾ فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻيا سيڪيورٽي فيچرز به ڏنا ويا آهن جڏهن ان ۾ جديد ٽيڪنالاجي وارا ٻه اسپيڪرز به ڏنا ويا آهن.
موٽو جي 34 کي اينڊرائڊ 14 جي آپريٽنگ سسٽم ۽ 5 هزار ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري جڏهن ته 18 واٽ جي فاسٽ چارجر سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
فون جي فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل جي سنگل ڪيمرا ڏني وئي آهي، پر ڪمپني جي دعويٰ آهي ته هن ڀيري ڪميرا ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ اپگريڊ ڪيو ويو آهي.
موٽو جي 34 جي بيڪ تي ٻه ڪيمرا ڏنيو ويون آهن، جن مان مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جڏهن ٻي 2 ميگا پڪسل جي آهي.
فون کي شروعاتي طور تي وڪري لاءِ رڳو چين ۾ پيش ڪيو ويو آهي، پر هن سال جي آخري ڏينهن تائين پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ به ان کي پيش ڪيو ويندو.
فون جي پاڪستاني قيمت 39 هزار رپين تائين رکي وئي آهي،پر ان کي پاڪستان ۾ پيش ڪرڻ وقت وڌيڪ سستو ڪرڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.