سال 2023ع ۾ ڪيترن پاڪستانين پاسپورٽ ٺهرايا؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاسپورٽس پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل مصطفٰي جمال قاضي چيو آهي ته سال 2023ع ۾ هيل تائين 65 لک پاسپورٽ جاري ٿي چڪا آهن.

مصطفٰي جمال قاضي چيو ته سال 2027ع کان پاڪستان ۾ اِي پاسپورٽ لازمي جاري ٿي ويندو، ان سلسلي ۾ سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

ڪراچي پاسپورٽ آفيس جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي پاسپورٽس چيو ته هاڻوڪي مشين ريڊايبل پاسپورٽ کي اِي پاسپورٽ تي منتقل ڪرڻ جو ڪم جاري آهي جنهن لاءِ نئون سسٽم ايندڙ 6 کان 7 مهينن ۾ انسٽال ڪيو ويندو جڏهن ته سال 2027ع ۾ اِي پاسپورٽ لازمي جاري ٿي ويندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اعليٰ سطحي ٽاسڪ فورس افغانين کي جاري ڪيل 12 هزار پاڪستاني پاسپورٽس جي جاچ ڪري رهي آهي.

مصطفٰي جمال قاضي ٻڌايو ته پاسپورٽ دير سان جاري ٿيڻ وارو مسئلو حل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.