پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پهرين جنوري 2024 کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
آئل انڊسٽري جي اندازن موجب پيٽرول ۽ ڪيروسين آئل جي اگهن ۾ هڪ رپئي تائين لاٿ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ لائٽ ڊيزل جي اگهن ۾ ٻن رپين تائين واڌ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته عالمي سطح تي برينٽ تيل جي اگهه 16 ڊسمبر 2023 کان 77.95 ڊالر کان 81.07 ڊالر في بيرل جي وچ ۾ رهيا.
15 ڊسمبر تي اگهه مقرر ڪرڻ کان اڳ برينٽ جي قيمت وڌي هئي، جنهن ۾ ٻيهر واڌ ٿي آهي پر هن وقت به 80 ڊالرن کان هيٺ آهي، نومبر جي پڄاڻي تي برينٽ 85 ڊالرن تي هو ۽ ان کانپوءِ هيٺ آيو، تنهن ڪري حڪومت پيٽرول سستو ڪيو هو.
انگن اکرن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه پراڻي سطح تي ناهن ۽ رپيو به مستحڪم آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ معمولي تبديلي ئي ممڪن آهي.
ناڻي واري وزارت اوگرا جي تجويز ڪيل سمري تي نگران وزيراعظم جي مشاورت سان فيصلو ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.