اميتاڀ بچڻ ”ڪون بنيگا ڪروڙ پتي“ جي آخري قسط ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي ٽي وي شو ”ڪون بنيگا ڪروڙ پتي“ جي 15 هين سيزن جي آخري قسط ڪندي ميزبان اميتاڀ بچن لڙڪ لاڙي ويٺو.
بالي ووڊ ۾ بگ بي جي نالي سان مشهور اميتاڀ بچڻ ڪيترن ئي سالن کان ”ڪون بنيگا ڪروڙ پتي“ ڪري رهيو آهي ۽ هن سال شو جي 15 هين سيزن هئي.
شو ۾ مختلف ڀارتي رياستن سان واسطو رکندڙ ذهين ماڻهو پنهنجي قسمت آزمائش ايندا آهن ۽ سوالن جو درست جواب ڏئي پئسا ڪمائيندا آهن.
ان کانسواءِ فلمي انڊسٽري سان واسطو رکندڙ ماڻهو به پنهنجين فلمن جي پروموشن لاءِ ان پروگرام ۾ ايندا آهن ۽ راند به کيڏندا آهن.
پروگرام جي انتظاميا پاران آخري قسط جو پرومو شيئر ڪيو ويو جنهن ۾ اميتاڀ بچن کي روئيندي ڏسي سگھجي ٿو.
اداڪار جو پرومو ۾ چوڻ وه ته ديويو اور سجنو، هاڻي اسان وڃي رهيا آهيون ۽ سڀاڻي کان هيءَ اسٽيج نه سينگاربي.
هن چيو ته پنهنجن کي اهو چوڻ ته سڀاڻي کان اسان نه اينداسين، اهو چوڻ جي همت به ناهي ٿيندي ۽ دل به نه چوندي آهي، آئون هن اسٽيج تي آخري ڀيرو سڀ کي خدا حافظ چوان ٿو.
ڀارتي ميڊيا موجب سيزن جي آخري قسط ۾ اداڪارا شرميلا ٽيگور، وديا بالن ۽ سارا علي خان جهڙين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.