افغانستان مان آندل پرڏيهي هٿيارن جي پاڪستان ۾ استعمال جا وڌيڪ ثبوت سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ افغانستان مان آندل پرڏيهي هٿيارن جي استعمال جا ثبوت هڪ ڀيرو ٻيهر منظر تي اچي ويا.
سرڪاري نشرياتي اداري ”پي ٽي وي نيوز“ موجب پاڪ فوج گذريل ٻن ڏهاڪن کان ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان خلاف دهشتگردي جي جنگ وڙهي رهي آهي، ٽي ٽي پي جي دهشتگردن وٽ افغانستان ۾ آمريڪا جا ڇڏيل هٿيار موجود آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته ٽي ٽي پي کي هٿيارن جي فراهمي خطي جي سلامتي کي وڏو نقصان پهچايو آهي، ان سان پاڪستان ۾ دهشتگردي وڌي.
29 ڊسمبر تي اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگرد ڪمانڊر راهزيب سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا.
بلوچ لبريشن آرمي انهن ئي هٿيارن سان نوشڪي ۽ پنجگور ۾ ايف سي جي ڪئمپن تي حملا ڪيا، زوب گيريزن تي حملي ۾ به ٽي ٽي پي طرفان آمريڪي هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو، آمريڪي هٿيارن سان ليس ٽي ٽي پي دهشتگردن چترال ۾ ٻن فوجي پوسٽن تي حملو ڪيو.
ميانوالي ايئربيس حملي ۾ دهشتگردن وٽان برآمد ٿيندڙ هٿيار پرڏيهي هئا.
آمريڪا جي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون موجب آمريڪا افغان فوج کي ڪُل 4 لک 27 هزار 3 سئو جنگي هٿيار فراهم ڪيا، نڪرڻ وقت 3 لک باقي رهجي ويا، 2005 کان آگسٽ 2021 تائين افغان فورسز کي 18.6 ارب ڊالرن جو سامان فراهم ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.