نيوزيلينڊ سميت دنيا جي مختلف حصن ۾ نئين سال جي شروعات ٿي وئي

سڄي دنيا ۾ ماڻهو 2024ع جي آجيان ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

نيوزيلينڊ سميت دنيا جي مختلف حصن ۾ سال 2024ع جي شروعات ٿي چڪي آهي.

پاڪستاني وقت موجب شام جو 4 وڳي نيوزيلينڊ ۾ نئين سال جي شروعات آتشبازي سان ٿي.

نيوزيلينڊ کان اڳ ٽونگا، سمووا ۽ ڪيريباتي ۾ نئين سال جي شروعات پاڪستاني وقت موجب منجهند جو 3 وڳي ٿيه ئي.

آسٽريليا ۾ نئين سال جي شروعات سڊني ۾ آتشبازي سان پاڪستاني وقت موجب شام و 6 وڳي ٿي پر ان کا اڳ ئي سڊني هاربر تي هڪ فيملي شو رٿيو ويو.

آسٽريليا کان پوءِ جاپا، ڪوريا، انڊونيشيا ۾ نئين سال جي ترتيبوار شروعات ٿيندي پئي وڃي ان کان پوءِ ڏکڻ آفريقي ملڪ روس، يورپي ملڪن ۽ آخر ۾ آمريڪا ۾ نئين سال جو جشن ملهايو ويندو.

پاڪستان ۾ نئين سال جو جشن فلسطينين سان يڪجهتي طور نه ملهايو ويندو.

جڏهن ته نئين سال جي موقعي تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، هٿيارن جي نمائش، هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي تي پابندي لڳائي وئي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.