اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ جي چونڊ نشان بابت فيصلي خلاف درخواست داخل

اسلام آباد (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چونڊ نشان بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل طرفان پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ڪيس جي جلد ٻڌڻي لاءِ ٻه رڪني خاص بينچ جوڙي وڃي.درخواست ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ کان حڪم نامو ختم ڪرڻ ۽ ڪيس لاءِ ڊويزنل بينچ جوڙڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي.ياد رهي ته 26 ڊسمبر تي پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي انٽراپارٽي چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ چونڊ نشان بيٽ واپس وٺڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو هو.عدالت اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ جو سرٽيفڪيٽ ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. ان کان اڳ 22 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏيندي بيٽ جو چونڊ نشان واپس ورتو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.