اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مير علي ۾ آپريشن دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا، اهي ڀتي خوري ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هئا، ڪارروائي دوران هٿيار، گولا ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.