وفاق کي اسلام آباد جي حدن ۾ صوبائي اختيارن لاءِ 3 مهينن ۾ قانون سازي جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيف ڪمشنر کي اسلام آباد لاءِ صوبائي حڪومت اختيارڏيڻ وارا سمورا صدارتي آرڊر، نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار جي ايم پي او تحت نظربندي خلاف درخواستن تي حڪم نامو جاري ڪندي وفاقي حڪومت کي اسلام آباد ۾ صوبائي اختيارن لاءِ ٽن مهينن ۾ قانون سازي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس بابر ستار 82 صفحن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪيو آهي، جنهن موجب ايم پي او جا سيڪشن 2 ۽ 3 آئين جي آرٽيڪل 4 ۽ 10 جي ڀڃڪڙي آهن.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته چيف ڪمشنر کي اسلام آباد لاءِ صوبائي حڪومت جا اختيار ڏيڻ وارا سمورا صدارتي آرڊر ۽ نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا.
عدالتي حڪم نامي موجب وفاقي حڪومت آئين تحت اسلام آباد تي لاڳو ٿيندڙ وفاقي ۽ صوبائي قانونن جي حوالي سان انفرادي اختيار رکي ٿي، اسلام آباد لاءِ وفاقي حڪومت ئي وفاقي ۽ صوبائي ٻنهي حڪومتن جو ڪردار ادا ڪري ٿي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته اسلام آباد ۾ قانون تحت ڪنهن به فيصلي يا اختيار جو استعمال وفاقي ڪابينا جي مشوري سان ئي ڪيو ويندو آهي، آئين جي آرٽيڪل ون، ٽو، بي تحت اسلام آباد وفاقي تخت گاهه آهي ۽ ڪنهن صوبي جو حصو ناهي، 1980 جو صدارتي آرڊر 18 ضياءُ الحق طرفان جاري ڪيو ويو هو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ضياءُ الحق 1977 ۾ آئين پامال ڪندي مارشل لا لڳايو ۽ رياست جي اختيارن تي قبضو ڪري ورتو.
حڪم نامي موجب چيف ڪمشنر کي وفاقي تخت گاهه لاءِ صوبائي حڪومت جا اختيار ڏيندڙ سمورا صدارتي آرڊر ۽ نوٽيفڪيشن آئين جي خلاف آهن، آئين جي آرٽيڪل 99 تحت وفاقي حڪومت تي لازمي آهي ته اسلام آباد ۾ صوبائي حڪومتي اختيارن جي استعمال لاءِ قاعدا ۽ ضابطا جوڙي، وفاقي حڪومت 3 مهينن ۾ اسلام آباد جي حدن ۾ صوبائي حڪومت جي اختيارن جي استعمال بابت رولز جوڙي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.