عورت 40 منٽن تائين مُئل رهڻ بعد زندهه ٿي وئي

يارڪشائر (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي هڪ عورت جيڪا ٽن ٻارن جي ماءُ آهي، پنهنجي گھر ۾ مُئل حالت ۾ ملي پر 40 منٽن کان پوءِ هن زندهه ٿي ڊاڪٽرن سميت سڀني ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽس موجب ڪرسٽي بورٽوف انگلينڊ ۾ اتر يارڪشائر ۾ رهندي آهي ۽ 3 ننڍڙن ٻارن جي ماءُ آهي. هوءَ پنهنجي گھر ۾ هئي جڏهن هن سان اهو حيران ڪندڙ واقعو پيش آيو. سندس مڙس اسٽيو به عورت سان گڏ گھر ۾ موجود هو.
اوچتو اسٽيو ڏٺو ته ڪرسٽي لائونج ۾ رکيل صوفي تي بي حس ۽ بي حرڪت پيل آهي. جڏهن اسٽيو سندس نبض چيڪ ڪئي ته ان جي حرڪت بند هئي جنهن جو مطلب هو ته هوءَ مري چڪي آهي.
اسٽيو فورن کيس اسپتال کڻي ويو جتي ڊاڪٽرن ڪجهه دير تائين کيس ٻيهر زندهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کان پوءِ هو مايوس ٿي ويا. ڊاڪٽرن موجد عورت کي دل جو دورو پيو هو.
ڊاڪٽرن شروعاتي معائني کانپوءِ ڪرسٽي جي گھرڀاتين ۽ مائٽن کي چئي ڇڏيو هو ته سندس حياتي بچڻ ڏکيو آهي، ڪرسٽي جي مڙس اسٽيو کي ايتري تائين چيو ويو هو ته عورت جي جنازي جا انتظام شروع ڪري ڇڏي پر جڏهن ڪرسٽي کي هوش آيو ته ڊاڪٽر به حيران ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.