سعودي عرب ۾ وڏي پابندي لاڳو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ انتظاميا پاران ايپ ٽيڪسي ڊرائيورن تي نئين پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ان پابندي جو مقصد مسافرن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي عرب ۾ ٽيڪسي سروس جي معاملن جي نگران ڪندڙ ڪميٽي جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ايپ ٽيڪسي ڊرائيو هڪ مهيني ۾ پنج سوارين جي بڪنگ رد ڪندو ته ان کي هڪ مهيني لاءِ معطل ڪري سگھجي ٿو.
رپورٽ موجب ٽيڪسي سروسز جي نگران ڪميٽي جو پنهنجي بيان ۾ چوڻ هو ته ضابطن جو مقصد ٽيڪسي سروس سيڪٽر ۾ سيڙپڪارن ۽ مسافرن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ آهي.
ٽيڪسي سروس ريگوليشنز جي شق 42 ۾ سروي رپورٽ کان پوءِ ڪجهه تبديليون ڪيون ويون آهن ته جيئن ان شعبي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.