سست بيٽنگ سبب امام سڊني ٽيسٽ مان آئوٽ، صائم ڊيبيو ڪندو

سڊني (ويب ڊيسڪ) پرٿ ۽ ميلبورن ٽيسٽ ۾ ناڪامي کانپوءِ قومي ٽيم ۾ وڌيڪ تبديلين جو امڪان آهي.
سڊني ٽيسٽ ۾ اوپنر امام الحق جي جاءِ تي نوجوان صائم ايوب کي کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حسن علي جي جاءِ تي ابرار احمد يا ساجد خان کي کيڏائي سگهجي ٿو.
ذريعن موجب امام الحق کي ڊراپ ڪرڻ جو سبب سندس سست بيٽنگ آهي، آسٽريليا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ هن 4 اننگز ۾ هڪ ففٽي جي مدد سان ڪُل 94 رنسون ٺاهيون، هن سيريز ۾ پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ 301 بال کيڏيا آهن.
ميلبورن ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ امام الحق پهرين رنس 18هين بال تي ٺاهي هئي، اهو ئي سبب آهي جو ٽيم مئنيجيمنٽ جارحاڻي نوجوان بيٽر صائم ايوب کي موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.