اليڪشن ڪميشن نگران حڪومت کي سرڪاري ادارن کي نجڪاري کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نگران حڪومت کي سرڪاري ادارن کي خانڳائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ خط ذريعي نگران حڪومت کي چيو آهي ته هو وڏي ٽرانزيڪشن ۾ نه وڃن ۽ روزمره جي خرچن لاءِ ٽرانزيڪشن ڪن. وڏن ادارن جي خانڳائڻ نگران حڪومت جي مينڊيٽ ۾ شامل ناهي، نگران حڪومت صرف معمولي انتظامي معاملن لاءِ ٽرانزيڪشن جي مجاز آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي ٽرانزيڪشن نگران حڪومت جي دائري ۾ نه ايندي آهي، ان کان پاسو ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ جي حڪومت پنهنجي ايجنڊا تي نجڪاريءَ لاءِ ڪيترن ئي وڏن خساري ۾ هلندڙ ادارن کي خانڳائڻ لاءِ فهرست ۾ شامل ڪيو هو. قومي ايئر لائنز، اسٽيل ملز وغيره کي پرائيويٽائيزيشن جي عمل هيٺ آيل ادارن ۾ شامل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.