فيض آباد ڌرڻو ڪيس: ڪميشن جنرل (ر) فيض حميد کي ٻيهر طلب ڪري ورتو

اسلام آباد ( م ڊ ) فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ جاچ ڪميشن اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي فيض آباد ڌرڻي ڪميشن پاران ٻيو ڀيرو طلب ڪيو ويو آهي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته جاري ڪيل نوٽيس ۾ فيض حميد ايندڙ هفتي فيض آباد ڌرڻو ڪيس ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته دفاع واري وزارت ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي طلبي جو نوٽيس اماڻيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.