عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراضن تي فيصلو محفوظ

ميانوالي (ويب ڊيسڪ) ميانوالي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 89 تي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن بابت فيصلو محفوظ ڪيو ويو.
اين اي 89 ميانوالي تي عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جي موقعي تي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جا وڪيل آر آو آڏو پيش ٿيا.
عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن تي خرم روکڙي ۽ خليل الرحمان اعتراض واريا.
درخواست گذارن جو چوڻ ته عمران خان سزا يافتا ۽ نااهل آهي.
آر او نامزدگي ڪاغذن بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.