اليڪشن ڪميشن جو پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي بيٽ جي چونڊن نشان جي معاملي تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن بيٽ جي نشان جي معاملي تي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪندي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن آئين موجب نه ڪرائڻ تي پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان واپس ورتو ويو هو.
پر 26 ڊسمبر تي پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊون ڪالعدم ۽ پارٽي نشان واپس وٺڻ جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي اسٽي جاري ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.