ڪويت، قاهرا (ويب ڊيسڪ) ڪويت ۽ مصر ۾ ڪورونا جي نئين ويرينٽ جي تصديق ٿي وئي.
ڪورونا جي نئين ويرينٽ جي حوالي سان ڪويت ۽ مصر جي صحت واري وزارت پاران بيان جاري ڪيو ويو آهي.
صحت وارين وزارتن موجب ڪورونا جي نئين ويرينٽ جي ڪيسن جي تصديق ٿي آهي، ڪورونا جي نئين ويرينٽ جي اين ون جا ڪيترائي ڪيسز رڪارڊ ڪيا ويا آهن.
ڪويتي صحت واري وزارت ٻڌايو ته ڪورونا جي نئين ويرينٽ بابت ڳڻتي جي ڪا به ڳالهه نه آهي، جيڪڏهن ڪو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيندو آهي ته احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري.
ان حوالي سان مصري صحت واري وزارت چيو ته ڪورونا ويرينٽ جي اين ون جي مريضن جي حالت بهتر آهي.
You might also like