هن سياري وري نئين شادي ڪنديس، جيستائين سٺو مڙس نٿو ملي، شادي ڪندي رهنديس“

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ ڊانسر راکي ساونت جو چوڻ آهي ته هوءَ ان وقت تائين شادي ڪندي رهندي، جيستائين کيس صحيح لائف پارٽنر نه ملندو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪجهه مهينا اڳ عمري جي سعادت حاصل ڪندڙ ڀارتي ڊانسر هڪ انٽرويو ڏيندي عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته واپاري عادل خان دراني کان جلد کان جلد طلاق ڏني وڃي ته جيئن ٻي شادي ڪري سگهان.

ڀارتي بزنس مين عادل خان دراني سان شادي ڪرڻ لاءِ اسلام قبول ڪندڙ راکي ساونت جي انٽرويو جو هڪ ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي.

وائرل ٿيل ڪلپ ۾ کيس اهو چوندي ٻڌو پيو وڃي ته کيس اميد آهي ته عدالت مون کي منهنجي رقم واپس ڪندي ۽ طلاق به ڏياريندي ته جيئن مستقبل ۾ ٻيهر سٺي مڙس سان شادي ڪري سگهان ۽ پنهنجي زندگي آرام سان گذاري سگهان.

راکي ٻيهر شادي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪندي چيو ته مان مرڻ تائين شادي ڪندي رهنديس جيستائين مون کي صحيح جيون ساٿي نه ملندو، پوءِ به مان پيار ڪندي رهنديس ڇو ته اها منهنجي زندگي آهي، منهنجي هڪ ئي زندگي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان هالي ووڊ تي نظر وجهو ته توهان کي ڪيتريون ئي اداڪارائون نظر اينديون جن ڪيتريون ئي شاديون ڪيون آهن ۽ ڪيترائي بوائي فرينڊز آهن پر انهن کي ڪنهن به بڇڙو ناهي چيو. سموريون حدون ڀارت لاءِ آهن، هتي جيئڻ نٿو ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.