نماز جي پابندي نه ڪرڻ بابت پڙهي ڊڄي ويس: ارمينا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ارمينا خان چيو آهي ته پي5 جي لاڏاڻي کان پوءِ پابندي سان نماز پڙهڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ارمينا خان سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ته منهنجي پيءُ نماز پابندي پڙهڻ جي تاڪيد ڪئي هئي. سندس لاڏاڻي کان پوءِ ڪوشش ڪندي آهيان ته نماز وقت تي پڙهان.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته نماز نه پڙهڻ بابت هڪ پوسٽ پڙهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن الله تعاليٰ اوهان کان نماز پڙهڻ جي توفيق کسي وٺي ۽ زندگي ۾ سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏي ته ان جو مطلب اهو اهي ته اوهان کي هن دنيا ۾ ئي سڀ ڪجهه ملي ويو آخرت ۾ ڪجهه نه ملندو.
ارمينا خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهو احساس مون لاءِ گھڻو خوف زده ڪندڙ هو ته سڀ ڪجه دنيا ۾ ته ملي وڃي پر آخرت ۾ ڪجهه نه ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.