سياري ۾ سولر پينل وڏي پئماني تي سستا، اڄ ئي خريد ڪريو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سولر پينلز جي اگهن ۾ وڏي لاٿ بعد شهرين شمسي توانائي جو استعمال وڌائي ڇڏيو آهي ۽ وڪري ۾ به واڌ ٿي آهي.

ڪراچي ۾ بجلي ۽ گيس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهرين شمسي توانائي جو استعمال وڌايو آهي.

ڊالر جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ درآمد جي دستيابي بعد سولر پينلز جي اگهن ۾ به وڏي گهٽتائي ٿي آهي.

مارڪيٽ ۾ 165 واٽ جي سولر پليٽ 15 هزار رپين مان گهٽجي 11 هزار رپين تي اچي وئي آهي جڏهن ته وڏي پليٽ 70 هزار رپين مان گهٽجي 40 هزار رپين جي ٿي وئي آهي.

سولر پينلز جي اگهن ۾ گهٽتائي بعد انهن جو وڪرو وڌي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.