ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جي ڪمرشل بئنڪنگ سرڪل ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري جعلي ڊالرن جي وڪري ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪمرشل بئنڪنگ سرڪل ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر علي مراد موجب جوابدار عبدالله شهرين کي گهٽ قيمت جي آڙ ۾ جعلي ڊالر وڪرو ڪندو هو، سندس قبضي مان 1600 جعلي آمريڪي ڊالر برآمد ڪيا ويا.
ايف آءِ اي ترجمان موجب هڪ متاثر شهري جي درخواست تي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ گرفتاري لاءِ ٽيڪنيڪي وسيلا استعمال ڪيا ويا، جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like