پاڪستان ۾ معاشي ترقي جا فائدا اشرافيا تائين محدود آهن: عالمي بئنڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ معاشي ترقي پائيدار ناهي ۽ ان جا فائدا رڳو اشرافيا تائين محدود آهن.
پاڪستان لاءِ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن چيو ته پاڪستان جو معاشي ماڊل ناڪارا ٿي چڪو آهي، معاشي ترقي جا فائدا اشرافيا تائين محدود آهن، پاڪستان پنهنجي ساٿي ملڪن کان پوئتي رهجي ويو آهي.
هن چيو ته ماضي ۾ غربت ۾ ٿيل گهٽتائي ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، پاليسي تبديل ڪرڻ ضروري آهي، پاليسي تبديل ڪرڻ تي اتفاق ٿي وڃي ٿو پر سڌارا نٿا اچن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ۾ نظام، قرضن جي لاڳت ۽ آمدني جا ذريعا پائيدار ناهن.
ناجي بن حسائن وڌيڪ چيو ته زرعي ۽ توانائي شعبن جون خرابيون ختم ڪيون وڃن، توانائي جي سڌارن ۾ استحڪام آندو وڃي ۽ حڪومتي خرچن ۾ به سڌارن جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.