ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان چنڊ تي پهچندڙ دنيا جو پنجون ملڪ بڻجڻ جي ويجهو آهي.
جاپان جو سيپٽمبر ۾ روانو ٿيندڙ مشن چنڊ جي مدار ۾ ڪاميابي سان داخل ٿي ويوآهي.
جاپان ايرو اسپيس ايڪسپلوريشن ايجنسي (جي اي ايڪس اي) موجب 25 ڊسمبر تي چنڊ تي موڪليل مشن ڪاميابي ڏانهن وڌي رهيو آهي.
اهو مشن ڪاميابي سان چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿي ويو آهي پر اڃا اهو لينڊ نه ڪندو.
لڳ ڀڳ هڪ مهيني تائين اهو مشن چنڊ جي مدار ۾ چڪر هڻندو رهندو ۽ پوءِ لينڊنگ جي ڪوشش ڪندو.
سمارٽ لينڊ فارم انويسٽيگيٽنگ مون (سلم) نالي اهو مشن ننڍي اسپيس ڪرافٽ ۽ لينڊر تي ٻڌل آهي جنهن جو وزن 200 ڪلوگرام آهي.
ان مشن جو بنيادي مقصد چونڊيل لينڊنگ واري هنڌ جي 100 ميٽرن اندر پن پوائنٽ لينڊنگ جي صلاحيت ظاهر ڪرڻ آهي.
جاپاني مشن کي چنڊ جي استوائي خطي جي هڪ ننڍي کڏي Shioli جي ويجهو لاهڻ جي ڪوشس ڪئي ويندي.
اهو پهريون ڀيرو آهي جو جاپان جي سرڪاري خلائي اداري پاران چنڊ تي مشن موڪليو ويو آهي.
ان کان اڳ هڪ نجي جاپاني ڪمپني ڪجهه عرصو اڳ چنڊ تي مشن روانو ڪيو هو پر اهو لينڊنگ ۾ ناڪام رهيو هو.
مشن جي چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ جاپاني خلائي اداري هڪ وڊيو به جاري ڪئي آهي.
月周回軌道投入中およびその前後に航法カメラを使用して撮影した画像をつなぎ合わせてパラパラ漫画にしました。SLIMが確かに月面上空で動いていることがわかります。#SLIM #JAXA #たのしむーん pic.twitter.com/nT480PbKCy
— 小型月着陸実証機SLIM (@SLIM_JAXA) December 25, 2023
ان کان اڳ آمريڪا، روس، چين ۽ ڀارت جا مشنز ڪاميابي سان چنڊ تي لهي چڪا آهن.