يمني حوثين ڳاڙهي سمنڊ ۾ آمريڪا جي سامونڊي جهاز تي حملو ڪري ڏنو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب يمني حوثين پاران اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هنن فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڳاڙهي سمنڊ ۾ سامونڊي جهاز تي ميزائل حملا ڪيا جڏهن ته اسرائيل پاران ڊرون حملا به ڪيا ويا.
پنهنجي بيان ۾ يمني حوثين اهو به چيو ته ڳاڙهي سمنڊ ۾ ٽارگيٽ ڪيل سامونڊي جهاز آمريڪا جو هو جنهن جي سڃاڻپ ايم ايس سي يونائيٽڊ جي طور ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان سان گڏ ڏکڻ اسرائيل ۾ مختلف فوجي هدفن کي به ڊرونز سان نشانو بڻايو ويو.
اهو سامونڊ جهاز سعودي عرب جي ڪنگ عبدالله بندرگاهه تان روانو ٿي ڪراچي وڃي رهيو هو.
شپنگ ڪمپين پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويوآهي ته يونائيٽد 8 جهاز تي ميزائل حملا سان عملي شامل ڪو به فرد زخمي ناهي ٿيو.
You might also like