آئين پارليامينٽ کي قانون سازي جو مڪمل اختيار ڏئي ٿو: پريڪٽس ڪيس جو تفصيلي فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
22 صفحن تي ٻڌل فيصلو چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو آهي.
سپريم ڪورٽ چيو آهي ته آئين پارليامينٽ کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر بابت قانون سازي جو مڪمل اختيار ڏئي ٿو، آرٽيڪل 3/184 جي فيصلي خلاف اپيل جو حق ڏيڻ جي قانوني شق تي 6 ججن اختلاف ڪيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 6 جي مقابلي ۾ 9 جي اڪثريت سان قانون ٺهڻ کانپوءِ اپيل جو حق آئيني قرار ڏنو وڃي ٿو، اپيل جو حق ماضي کان ڏيڻ جي قانوني شق جي مخالفت 8 ججن ڪئي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
فيصلي موجب ايڪٽ سان ڪنهن قسم جا بنيادي حق متاثر نٿا ٿين، ايڪٽ انصاف تائين پهچ ۽ بنيادي حقن کي يقيني بڻائي ٿو، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.