عمران خان جي نااهلي ختم ڪرڻ جي درخواست تي فوري طور ٻڌڻي جي اپيل رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي نااهلي ختم ڪرڻ جي درخواست تي فوري طور ٻڌڻي جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
عمران خان جي نااهلي ختم ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي تي قائم مقام چيف جسٽس سردار طارق مسعود پي ٽي آءِ جي وڪيل سان مڪالمو ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ هن هفتي توشا خانا نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ممڪن ناهي.
قائم مقام چيف جسٽس چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 3 رڪني بئنچ کي اهو ڪيس ٻڌڻ گهرجي، رڳو ٻه جج موجود آهن، ٻه رڪني بئنچ توهان کي عبوري رليف به نٿي ڏئي سگهي، ڇو ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڊويزن بئنچ جو فيصلو آهي.
ان کان اڳ معمول جا ڪيس مڪمل ٿيڻ تي وڪيل شهباز کوسا روسٽرم تي آيو ۽ پي ٽي آءِ باني جي نااهلي ختم ڪرڻ جي درخواست 3 رڪني بئنچ سامهون مقرر ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته نااهلي بابت فيصلو معطل ٿيڻ سان سزا معطل ناهي ٿيندي، شهباز کوسا چيو ته جاويد هاشمي بابت فيصلي سان سزا به ختم ڪئي وئي، جنهن تي جسٽس سردار طارق چيو ڪهڙي خبر هي ڪيس اهم نڪتن تي هجي ۽ ان جي ٻڌڻي 5 رڪني بئنچ ڪري، ايندڙ هفتي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ به اچي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.