پاڪستان جو جديد ترين نيويگيشن سسٽم سان ليس ميزائل جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جديد ترين نيويگيشن سسٽم سان ليس فتح 2 ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فتح 2 جديد ترين ايويونڪس ۽ اڏام جي منفرد رفتار سان ليس ميزائل آهي، فتح 2 جديد ترين نيويگيشن سسٽم سان ليس ميزائل آهي، هي ويپن سسٽم 400 ڪلو ميٽر جي حد تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ٽنهي سروسز جي سينيئر آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن فتح 2 ميزائل جي ڪامياب تجربي جو مشاهدو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب صدر ۽ وزيراعظم ڪامياب ميزائل تجربي تي فوج ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏني، جڏهن ته جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين ۽ آرمي چيف به ڪامياب ميزائل تجربي تي فوجين ۽ سائنسدانن جي ڪوششن کي ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.