راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان آزاد ٿيندي ئي هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
راولپنڊي پوليس شاهه محمود قريشي کي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو، پوليس جي ڳري نفري شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان وٺي وئي ۽ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي خلاف 9 مئي سانحي ۾ جي ايڇ ڪيو تي حملي جو ڪيس آر اي بازار ٿاڻي تي داخل آهي، کيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل ۾ نظربند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جڏهن ته نظربندي جا حڪم ختم ٿيڻ تي آزادي کانپوءِ شاهه محمود قريشي کي وري گرفتار ڪيو ويو.
You might also like