ڀارت ۾ اسرائيلي سفارتخاني ويجهو ڌماڪو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ اسرائيلي سفارتخاني جي ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي، سفارتخاني جو سمورو عملو محفوظ رهيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسرائيلي سفارتخاني جي ترجمان گائي نير تصديق ڪئي ته 5 لڳي 20 منٽن تي سفارتخاني جي ويجهو ڌماڪو ٿيو.
اسرائيلي پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته ڌماڪي سبب عملي مان ڪنهن کي به نقصان ناهي پهتو، اسرائيلي اختياري ڌماڪي جي جاچ لاءِ ڀارتي هم منصبن سان سهڪار ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.