پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان واپس ملڻ تي اعتزاز احسن جو ردعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر وڪيل اعتزاز احسن چيو آهي ته پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان واپس وٺڻ جو فيصلو معطل ڪرڻ جو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو درست آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته سياسي جماعت کي نشان کان محروم نٿو ڪري سگهجي، چونڊ نشان پارٽي جي ملڪيت هوندو آهي، ننڍي کنڊ ۾ هر ووٽ تي نشان هوندا آهن.
هن چيو ته ووٽر جي سهولت لاءِ نشان هوندا آهن، اهو اليڪشن ڪميشن جو اختيار به نه هو، پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو درست آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.