هانيا عامر خوبصورتي ۽ ذهانت جو ميلاپ آهي: فهد مصطفيٰ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار، ميزبان ۽ پروڊيوسر فهد مصطفيٰ اشارو ڏنو آهي ته هو جلد پهريون ڀيرو هانيا عامر سان گڏ اسڪرين تي نظر ايندو.
فهد مصطفيٰ تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي چينل جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران فهد مصطفٰي هانيا عامر جي تعريف ڪندي چيو ته هوءَ نه رڳو بهترين اداڪارا آهي پر خوبصورت به آهي ۽ هوءَ خوبصورتي ۽ ذهانت جو ميلاپ آهي.
اداڪار چيو ته ماضي ۾ عام طور تي ڪجهه اداڪارن کي خوبصورتي جي بنياد تي به ڪم ملي ويندو هو پر هاڻ هر ڪنهن کي ٽئلينٽ جي بنياد تي موقعا ملندا آهن.
فهد مصطفيٰ دعويٰ ڪئي ته هو ڪافي عرصي کان هانيا عامر کي چوندو آيو آهي ته هوءَ وڏي ٿي وڃي ته هو هن سان گڏ ڪم ڪندو ۽ هاڻي اداڪارا وڏي ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.