ڀارت عربي سمنڊ ۾ جنگي سامونڊي جهاز مقرر ڪري ڇڏيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت عربي سمنڊ ۾ 3 جنگي سامونڊي جهاز مقرر ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت پنهنجي اولهه واري سامونڊي پتي جي ويجهو واپاري سامونڊي جهاز ايم وي ڪيم پلوٽو تي مبينا ڊرون حملي کان پوءِ 3 جنگي سامونڊي جهاز عربي سمنڊ ۾ مقرر ڪري ڇڏيا آهن.
رپورٽ موجب ايم وي ڪيم پلوٽو جي عملي جي 21 ڪارڪنن جو واسطو ڀارت ۽ هڪ جو ويتنام سان آهي، ڀارتي سامونڊي فوج جي ڌماڪيدار مادي کي ڊسپوزل ٽيم جهاز جي شروعاتي معائن کان پوءِ ان تي ڊرون حملي جو اشارو ڏنو.
واضح رهي ته آمريڪا جي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون جي هڪ ترجمان ان حملي جو الزام ايران تي لڳايو پر ايران پاران ان الزام جي سختي سان ترديد ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.