ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو آهي ته ڪي ڊي اي عمارت نٿي سنڀالي سگهي ته ٻيو ڪهڙو ترقياتي ڪم ڪندي، روڊ ٺهندو آهي، وري لائن وجهڻ لاءِ کوٽائي شروع ٿي ويندي آهي.
جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ڪراچي جي مسئلن تي اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني کاتن واري وزير مبين جماڻي ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب سميت ٻين شرڪت ڪئي.
نگران وڏي وزير چيو ته ڪي ڊي اي جي خوبصورت عمارت خراب ٿي رهي آهي، عمارت جا واش روم تباهه آهن، ڪي ڊي اي عمارتون نٿي سنڀالي سگهي ته ٻيو ڪهڙو ترقياتي ڪم ڪندي، 10 ڏينهن ۾ عمارت ٺيڪ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
هن ميئر کي هدايت ڪئي ته روڊ ٺهندو آهي، وري لائن وجهڻ لاءِ کوٽائي شروع ٿي ويندي آهي، نئون روڊ ٺهڻ کانپوءِ کوٽائي جي اجازت ڪير ڏيندو آهي؟ انهن مسئلن جو حل ڪڍيو وڃي.
Next Post
You might also like