پارٽي ۾ ڪم ڪندڙن کي پاسي تي ڪيو پيو وڃي: حمزا شهباز، نواز شريف اڳيان اوٻر ڪڍي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته ميان صاحب! پارٽي ۾ ڪم ڪندڙن کي سائيڊ لائن ڪيو پيو وڃي.
لاهور ۾ ن ليگ قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي اجلاس ۾ حمزا شهباز اوٻر ڪڍي ڇڏيو، هن چيو ته خاموشي جي هڪ زبان هوندي آهي پر ان کي ڪير ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وارو ناهي هوندو.
هن چيو ته جن ماڻهن ڏکئي وقت ۾ پارٽي جو ساٿ ڏنو، تشدد برداشت ڪيو، انهن کي ٻڌڻ لاءِ ڪير تيار ناهي.
ذريعن موجب حمزا شهباز چيو ته ماڻهن کي سامهون آڻي بيهاريو ويو آهي ته پراڻي وفادار ورڪر جو هاڻ ڇا ٿيندو؟ پراڻو ورڪر اڄ به پريشان آهي، انهن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي، پارٽي ٽڪيٽ انهن جو حق آهي، جن ڏکيائيون برداشت ڪيون.
هوڏانهن ن ليگ جي اطلاعات سيڪريٽري مريم اورنگزيب چيو آهي ته حمزا شهباز بابت خبرون سراسر ڪوڙ آهن، ن ليگ قائد جي صدارت هيٺ پارٽي اجلاس ٿيو پر بحث جون خبرون بي بنياد آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.