تبت (ويب ڊيسڪ) هونئن ته اوهان عام طور تي سائي ۽ ڳاڙهي رنگ جا صوف ڏٺا هوندا پر دنيا ۾ هڪ خطو اهڙو به آهي جتي ڪاري رنگ جا صوف ڦٽندا آهن.
هونئن ته ان صوف جو رنگ واڱڻائي آهي پر اهو ڏسڻ ۾ ڪارو لڳندو آهي جنهن جي ڪري ان کي انگريزي ۾ (black diamond apple) چيو ويندو آهي ۽ اهو رڳو تبت ۾ ڦٽندو آهي. اهو پنهن ڪشش ۽ نايابيت جي ڪري ٻين صوفن کان نمايان آهي ۽ ماڻهن ۾ تجسس پيدا ڪندو آهي.
بليڪ ڊائمنڊ ايپل جو اهو خاص رنگ حقيقت ۾ انوکي جاگرافيائي هنڌ سان منسوب آهي جيڪو چين جي خود مختيار خطي تبت ۾ جبلن جي وچ ۾ موجود ننڍي شر نينگچي ۾ آهي. گھڻي اونچائي صوفن تي ڏينهن جي وقت شديد الٽرا وائليٽ روشني پوندي آهي ۽ اتي گرمي پد ۾ نمايان لاها چاڙها ٿيندا رهندا آهن.
اهڙين موسمي حالتون صوف جي مخصوص ڪاري رنگ کي تيار ڪرڻ ۾ مددگار هونديون آهن. وڌيڪ اهو ته جيتوڻيڪ ان صوف جو اندروني حصو عام صوفن جيان ئي هوندو آهي پر ان جو ذائقو سڀني صوفن کان مٺو هوندو آهي.
You might also like