لاهور (ويب ڊيسڪ) ماحولياتي گدلاڻ تي ضابطي لاءِ پنجاب حڪومت اليڪٽرڪ رڪشا کانپوءِ اليڪٽرڪ بائيڪ به متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪا شروعاتي طور شاگردن کي اڌ قيمت تي فراهم ڪئي ويندي.
پنجاب حڪومت طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور ۾ اليڪٽرڪ رڪشا متعارف ڪرايا ويا هئا، جن جي ڪاميابي کانپوءِ هاڻ اليڪٽرڪ بائيڪ به متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ پنجاب جي ٽرانسپورٽ واري نگران وزير ابراهيم حسن مراد چيو ته صوبي ۾ سموگ جو وڏو مسئلو آهي، جنهن جو وڏو سبب ٽرانسپورٽ آهي، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون ۽ رڪشا ذڪر جوڳا آهن.
هن چيو ته ان مسئلي تي ضابطي لاءِ چين ۽ ٿائلينڊ جيان اسان ڪجهه ڏينهن اڳ اليڪٽرڪ رڪشا متعارف ڪرايو هو ۽ هاڻ اليڪٽرڪ بائيڪ به متعارف ڪرائي رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته پهرئين مرحلي ۾ هڪ کان ٻه لک اليڪٽرڪ بائيڪس شاگردن کي سستي اگهن تي فراهم ڪيون وينديون.
Prev Post
Next Post
You might also like