رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ پنهنجي زال کي ڪُهندڙ شخص کي موت جي سزا جو حڪم ڏنو ويو آهي.
سعودي عرب جي گھرو وزارت موجب ڇريءَ سان قتل ڪندڙ هڪ جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، گھريلو جهيڙي تي قاتل پنهنجي زال کي ڪُهي سندس لاش لڪائي ڇڏيو هو.
رپورٽ موجب سيڪيورٽي اختيارين جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جاچ دوران جوابدار تي ڏوهه جو الزام لڳائي لاڳاپيل عدالت ۾ موڪليو ويو جڏهن ته عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار خلاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
گھرو وزارت چيو ته ڏوهه جي سنگيني کي ڏسندي جوابدار لاءِ سخت سزا تجويز ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي کيس قصاص (برابري واري) موت جي سزا ڏني ويندي، اپيل ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ان فيصلي کي برقرار رکيو هو، اهو فيصلو شريعت موجب ڪيو ويو هو.