لاهور (ويب ڊيسڪ) مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽويٽر تي غريده معافي وٺ ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيو ان جو سبب هڪ وڊيو هئي جيڪا هن وقت به سوشل ميڊيا تي وائرل آهي.
وڊيو ۾ غريده فاروق بلوچ مظاهرين ۾ شامل ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ سان ڳالهائي ٿي جنهن ۾ غريدا چوي ٿي ته رياست پنهنجون غلطيون ٺيڪ ڪرڻ چاهي ٿي، اوهان سان مهبت ۽ ڳالهين ذريعي پر بلوچستان جي حقيقت دهشتگرد تنظيمون آهن، انهن جي مذمت ته واضح لفظن ۾ ٿيڻ گهرجي.
ڊاڪٽر ماه رنگ چوي ٿي ته منهنجو سوال اهو آهي ته اوهان بلوچستان ۾ ٿيندڙ نسل ڪشي جي مذمت ڪريو ٿيون؟
دھشت گردوں کی مذمت سیاستدانوں سے کرائی جاتی ہے نہ کہ اُن مظلوموں سےجنہیں ریاستی اور غیر ریاستی دونوں عناصر سے خطرہ ہوتا ہے اور انہیں اُنعلاقوں میں لوٹنا ہوتا ہے جہاں ریاستی اور غیر ریاستی عناصر ملل کر انکی جان کے در پہ ہوتے ہیں،#GharidaMustApologise pic.twitter.com/bi5Z63L8Hy
— Haider Ehsan (@HaiderAh622310) December 23, 2023
ٻنهي وچ ۾ بحث واري وڊيو کانپوءِ سوشل ميڊيا تي واهپيدار صحافڻ کان معافي جو مطالبو ڪندي نظر آيا.
هڪ واهپيدار لکيو ته صحافي ڪنهن کي ڪنهن سان ويڙهائڻ جي نه پر ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر هي ڪهڙي صحافت آهي.
صحافی کسی کو کسی کے ساتھ لڑانے کی نہیں ، جوڑنے اور صلح کرانے کی کوشش کرتا ہے۔نام نہاد صحافی غریدہ فاروقی بجائے اس مظلوم لڑکی کی آہوں کا ساتھ دیتی،چاہتی ہے کہ کوئی انہیں بلوچستان ہی میں ماردے۔یہ کونسی صحافت ہے؟#GharidaMustApologise pic.twitter.com/2RFfHRA22w
— Kashif Koki Khel (@KashifJrnlst) December 23, 2023