سون جي اگهن بابت اهم خبر

ورلڊ گولڊ ڪائونسل سال 2024 ۾ سون جي اگهن جو آئوٽ لڪ جاري ڪري ڇڏيو.
ورلڊ گولڊ ڪائونسل پنهنجي 2024 جي آئوٽ لڪ ۾ ايندڙ سال سون جي اگهن لاءِ ٽي منظر ناما پيش ڪيا آهن.
ورلڊ گولڊ ڪائونسل موجب 45 کان 65 سيڪڙو امڪان آهي ته 2024 ۾ آمريڪي معيشت سستي جو شڪار رهندي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته سون جي گهر الٽرا پوٽينشل سان فليٽ ٿيندي، ان جو مطلب آهي ته سون جي اگهن ۾ واڌ ٿيندي.
25 کان 55 سيڪڙو امڪاني شرح سان ٻيو امڪان اهو به آهي ته آمريڪي معيشت هارڊ لينڊنگ کي منهن ڏيندي، ان منظر نامي ۾ سون جي گهر وڌندي ۽ اگهه وڌندا.
ڊبليو جي سي 5 کان 10 سيڪڙو امڪاني شرح سان ٽيون منظر نامو به پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ اهو تجويز ڪيو ويو آهي ته آمريڪي معيشت ڪنهن به قسم جي سستي جو تجربو نه ڪندي.
جيڪڏهن ائين ٿيو ته اگهن تي ناڪاري دٻاءَ سان فون جي گهر فليٽ رهندي، ان جو مطلب آهي ته اگهه گهٽ ٿيندا پر گهٽ امڪاني شرح سان ائين ٿيڻ جو امڪان ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.