مٺي (رپورٽ: غازي بجير) سنڌ جي معدنيات واري نگران وزير مير خدا بخش مري چيو آهي ته رڳو سيو ڪارونجهر جو آواز نه اٿاريو، ڀارت معدني ذخيرا استعمال ڪري خوشحالي آڻي سگهي ٿو ته پوءِ اسان ڇو نه؟
صحافين سان مير خدا بخش مري چيو ته معدنيات ڇا آهي، اسان وٽ گهرن ۾ به معدنيات پيدا ٿئي ٿي، ٿاڻن کان وٺي بندوق جي گولي ۽ ايٽم بم تائين، هر ڪنهن جي هٿ ۾ موبائل فون آهن، اهي به معدنيات آهن.
هن چيو ته ڪجهه اندروني ۽ ٻاهريون قوتون سوشل ميڊيا تي رياست تي الزام مڙهي رهيون آهن ۽ انهن معدني ذخيرن کي استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن توهان مري رهيا آهيو ته پوءِ اهڙن معدني ذخيرن جو ڪهڙو فائدو؟
سندس چوڻ هو ته ڪجهه شرپسند عنصر پروپئگنڊا ڪري ترقي جي رستي ۾ رنڊڪ وجهي رهيا آهن، جيڪي معدنيات جي استعمال خلاف آهن، اهي ملڪ سميت سڄي انساني آبادي جا دشمن آهن.
نگران صوبائي وزير چيو ته ٿر ۾ گرينائيٽ هئڻ باوجود ماڻهو آپگهات ڪري رهيا آهن، ايترا معدني ذخيرا آهن، ان کان وڌيڪ ظلم ٻيو ڇا ٿيندو، چين ۽ آمريڪا کي ڏسو، اهي پنهنجي معدني ذخيرن کي استعمال ڪري رهيا آهن، سيو ڪارونجهر جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي.
مير خدا بخش مري چيو ته جيڪي ماڻهو ڪارونجهر بچايو جا نعرا هڻي رهيا آهن، انهن کان مان پڇان ٿو ته توهان ڪيترن بکايل ماڻهن کي ماني ڏني آهي؟ ڪارونجهر معاملي تي عدالت کي گمراهه ڪيو ويو.
سيو ڪارونجهر جو ڊرامو پيو ٿئي، ماڻهو مرن ته معدني ذخيرن جو ڪهڙو فائدو؟ نگران وزير خدا بخش مري
Prev Post
You might also like