ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ : اويس حيدر شورو )سنڌ جو قومي فنڪار ٻيجل سنڌي گلي جي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي پنهنجي گائيڪي جي فن کان محروم ٿي ويو ، پنهنجي گهر ۾ بسترو ڀير ٿيل ، سنڌ جو قومي فنڪار ٻيجل سنڌي ڪجھ عرصو بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ٿي سندس گلي جي بائيوسي جي رپورٽ اچڻ تي گلي جي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ٿيڻ تي گائيڪي جي فن کان محروم ٿي ويو آهي ، جنهن ۾ سرڪار جي ڪنهن به سهائتا نه ملڻ تي پاڻ حيدرآباد جي اسپتال مان واپس پنهنجي ٽنڊو محمد خان شهر واري گهر ۾ بسترو ڀير ٿي گهر تائين محدود ٿي ويو آهي ، ٻيجل سنڌي ڳالهائڻ جي سگهھ کان به تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي ، ڊاڪٽرن کيس فوري طور گلي جي آپريشن جو مشورو ڏيئي سندس حياتي لاءِ خطرو لاحق هجڻ قرار ڏيئي ڇڏيو آهي ، قومي فنڪار ٻيجل سنڌي جي فرزند صوفي حامد عوامي آواز ٻڌايو آهي ته بابا گذريل هڪ سال کان بيماري ۾ مبتلا هو جنهن ۾ کيس گلي جي تڪليف هجڻ ڪري علاج هلندڙ هو پر هاڻي بائيوسي ڪرائڻ کانپوءِ کيس گلي جي ڪينسر ٿيڻ جي تصديق ٿي ويئي آهي ، حيدرآباد جي ڊاڪٽرن سندس فوري طور آپريشن جو مشورو ڏنو آهي جنهن ۾ ڏيهھ يا پرڏيھ جي ڪنهن به خانگي اسپتال مان آپريشن ڪرائڻ جي پڻ تاڪيد ڪئي ويئي آهي ، آپريشن ڪرڻ ۾ دير ٿيڻ سان سندس حياتي کي هاڻي خطرو ٿي سگهي ٿو جنهن جي ڪري سڄي سنڌ جي قومپرست ڪارڪنن ۽ سنڌي عوام کي سندس حياتي جي لاءِ دعا جي اپيل ڪجي ٿي .سنڌ جي اديبن ، شاعرن ، فنڪارن ثقافت کاتي کان قومي فنڪار ٻيجل سنڌي جو فوري طور سرڪاري خرچ تي پرڏيھ مان علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ، سنڌ جي ناليواري لوڪ فنڪاره ثريا سومرو ، قومي فنڪار وچن سنڌي ، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي اعظم ڀٽي ، تاريخدان مشڪور ڦلڪارو ، پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي ۽ ٻين چيو آهي ته ٻيجل سنڌي سنڌ جو هڪ قومي راڳي هجڻ سان گڏ سنڌي موسيقي لاءِ تمام وڏو نالو آهي ، جنهن جي حياتي هاڻي خطري ۾ اچي ويئي آهي سندس گلي جي ڪينسر جي بائيوسي ڪرائڻ سان تصديق ٿي ويئي آهي پر افسوس آهي ته سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي ان جو ڪو به تڌارڪ نه ڪيو آهي نه وري سار لڌي آهي ، ثقافت کاتي کي فوري طور قومي راڳي ٻيجل سنڌي جو پرڏيھ مان علاج ڪرائي سندس حياتي ضايع ٿيڻ کان بچائي وڃي .