پي ٽي آءِ پارٽي طور برقرار آهي، سپريم ڪورٽ ذريعي چونڊ نشان بحال ٿي سگهي ٿو:قانوني ماهر

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي فيصلي تي ماهرن چيو آهي ته صرف چونڊ  نشان واپس ورتو ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف بطور هڪ پارٽي جي طور تي برقرار رهندي.نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي قانوني ماهر حافظ احسان احمد چيو ته چونڊ ايڪٽ جا 5 سيڪشن وڏا اهم آهن. هر سياسي پارٽي جي ذميواري آهي ته انٽرا پارٽي چونڊن ڪرائي. انٽرا پارٽي چونڊن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪيو هو. حافظ احسان احمد چيو ته اليڪشن ايڪٽ موجب جيڪا پارٽي رولز کي فالو نه ڪندي ان کي چونڊ نشان نه ملندو.  هاڻ 2 رستا آهن هڪ اليڪشن ڪميشن جي گهرجن کي پورو ڪيو وڃي. ٻيو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فيصلي کي چيلينج ڪري سگهجي ٿو. ان حوالي سان پلڊاٽ سربراهه احمد بلال محبوب چيو آهي ته فيصلي جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ لاءِ وڏو سيٽ بيڪ ٿيندو. پي ٽي آءِ اميدوار هاڻ ڌار ڌار نشانن تي چونڊ وڙهندا.  پي ٽي آءِ وٽ هڪڙو ئي آپشن آهي ته هو سپريم ڪورٽ وڃي ڇو ته چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جي آخري تاريخ 13 جنوري آهي. سپريم ڪورٽ وڃڻ سان چونڊ نشان الاٽ ٿي سگهي ٿو. اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد چيو ته سيڪشن 209 جي تحت اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪيو آهي اليڪشن ڪميشن کي اهو اختيار حاصل آهي. فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. پي ٽي آءِ جي سمورن انٽرا پارٽي چونڊن کي چيلينج ڪيو ويو هو.  جڏهن ته ٻين انٽرا پارٽي چونڊن کي چيلينج نه ڪيو ويو هو. ڪنور دلشاد وڌيڪ چيو ته  اهڙي فيصلي تحت صرف چونڊ نشان واپس ورتو ويو آهي. تحريڪ انصاف بطور پارٽي برقرار رهندي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ به خلاف فيصلو ڏنو ته پوءِ پارٽي ميمبر آزاد اميدوار جي طور تي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهن ٿا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.