فرانس 300 ڀارتين سميت جهاز پڪڙي ورتو

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانس نڪاراگوا ويندڙ هڪ چارٽرڊ جهاز کي لاٿو آهي. ان جهاز ۾ 303 کان وڌيڪ ڀارتي شهري سوار هئا. فرانسيسي ميڊيا جو چوڻ آهي ته انساني اسمگلنگ بابت شڪ جي بنياد تي جهاز کي جاچ جي غرض سان لاٿو ويو آهي. اوڀر فرانس جي علائقي مارن ۾ مقامي اختيارين ٻڌايو ته ان جهاز جي مقصد ۽ لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب جهاز کي جاچ کان پوءِ ڪليئرنس جي بنياد تيوڃڻ جي اجازت ڏني ويندي. اهو جهاز رومانيا جي هڪ چارٽر ڪمپني کان ورتو ويو آهي. جهاز خميس ڏينهن دبئي کان اڏام ڀري هئي جيڪا اوڀر فرانس جي ويٽري ايئرپورٽ تي ٽيڪنيڪي سببن جي بنياد تي لاٿو ويو هو.
ايئرپورٽ جي ويلڪم ايريا کي ويٽنگ ايريا ۾ تبديل ڪري مسافرن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.