ڪهڙي قيامت ٽٽي پئي جو 9 مئي تي سڄي ملڪ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي: نگران وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪنهن کي سياسي ميدان مان بي دخل ڪرڻ جي پاليسي حڪومت جي ناهي، جيڪڏهن چونڊ عمل کان ڪنهن کي روڪيو ويو ته جاچ ڪنداسين.
نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ڪجهه مختلف نه ٿيڻ وارو هو، اهڙي ڪهڙي قيامت ٽٽي پئي جو 9 مئي تي سڄي ملڪ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي.
هن چيو سمجهان ٿو ته 9 مئي ۾ ملوث ماڻهن کي عوامي نمائندو نه هجڻ گهرجي ۽ اهو به نٿو سمجهان ته سڄي تحريڪ انصاف کي 9 مئي سان جوڙيو وڃي.
سندس چوڻ هو ليول پليئنگ فيلڊ بابت شڪايتون اينديون ته ڏسنداسين، ڪنهن کي سياسي ميدان کان بي دخل ڪرڻ جي حڪومت جي پاليسي ناهي، ڪنهن کي چونڊ عمل کان روڪيو ويو ته جاچ ڪنداسين ۽ ان حوالي سان الڪيشن ڪميشن سان به ڳالهائينداسين.
نگران وزيراعظم چيو ته مان پارٽي طور 2013 ۽ 2018 ۾ پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو ۽ مون کي ان تي ڪا شرمندگي ناهي، مان هڪ دور کان پي ٽي آءِ جو دفاع ڪيو، پي ٽي آءِ حڪومت مان اميد هئي ته اها گورننس ۽ معيشت کي بهتر ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.